Focus with Zardari

مڪي پاڪ تي ڊرون حملي جي مذمت، سنڌ اسيمبلي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

2 Min Read

ڪراچي  ( رپورٽ: آزاد ميراڻي )  سنڌ اسيمبلي مڪي تي ڊرون حملن جي سخت مذمت ڪندي مذمتي قرارداد  منظور ڪري ورتي، جڏهن ته ختم نبوت جي قانون تي عملدرآمد بابت ٺهراءُ پڻ منظور ڪيو ويو.

اجلاس دوران صوبي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي بحران، لانڍي ڪارڊيڪ ميڊيڪل سينٽر ۾ عملي ۽ مشينري جي کوٽ سميت مختلف عوامي مسئلا پڻ اٿاريا ويا.

اجلاس ۾ يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري کاتي سان لاڳاپيل سوالن جو وقفو ٿيو، جنهن دوران صوبائي وزير اسماعيل راهو ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏنا.

اسماعيل راهو چيو ته يونيورسٽين ۾ هراسان ڪرڻ خلاف شڪايتن لاءِ سيل ۽ ٽن ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته شاگردياڻين کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.

- Advertisement -

اجلاس دوران ايم ڪيو ايم جي صابر حسين قائم خاني حيدرآباد ۽ لطيف آباد ۾ پيئڻ جي پاڻي جي بحران جي نشاندهي ڪئي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي عورت ميمبر قرۃ العين خان لانڍي ڪارڊيڪ ميڊيڪل سينٽر ۾ عملي ۽ مشينري جي کوٽ جو معاملو اٿاريو.

 اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي عامر صديقي يونيورسٽي روڊ تي پيڊسٽرن برج جي خراب حالت جو مسئلو به اٿاريو. صوبائي وزير قانون ضياءَ الحسن لنجار لاڳاپيل اختيارين کي ڪارروائي جي خاطري ڪرائي، جنهن کان پوءِ عامر صديقي التويٰ واري رٿ واپس ورتي.

سنڌ اسيمبلي ۾ مڪي مڪرمه تي حملي خلاف مذمتي ٺهراءُ ايم ڪيو ايم جي محمد راشد خان پيش ڪئي، جنهن جي صوبائي وزير گهرو ضياءَ الحسن لنجار حمايت ڪئي، جيڪو منظور  ڪيو ويو.

 ان کان علاوه ايم ڪيو ايم جي اعجاز الحق ختم نبوت جي قانون تي عملدرآمد بابت ٺهراءُ پيش ڪئي، جيڪا پڻ ايوان متفقه طور منظور ڪيو.

. اجلاس دوران سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي جي ترميمي بل پڻ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن کي منظور ڪيو ويو. جڏهن ته قرۃ العين خان ٽيڪنيڪل تعليم جي مرڪزن ۾ داخلا فيس معاف ڪرڻ بابت قرارداد پڻ پيش ڪئي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment