Focus with Zardari

نائجيريا: زهريلو شربت واپرائڻ سبب 48 ڄڻا فوت، 182 بيمار

2 Min Read

نائجيريا جي ڏکڻ اولهه واري رياست اوندو ۾ زهريلي الڪوحل ۽ جڙي ٻوٽين مان تيار ڪيل شربت واپرائڻ سبب 48 ڄڻا فوت ۽ 182 بيمار ٿي پيا، جڏهن ته 5 ڄڻا مڪمل طور تي نظر کان محروم ٿي ويا آهن.

نائجيريا جي نيشنل ايجنسي فار فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪنٽرول (NAFDAC) موجب متاثر ماڻهن مقامي طور تي تيار ڪيل الڪوحل ۽ جڙي ٻوٽين جو شربت استعمال ڪيو، جنهن کي مقامي ميڊيا ۾ منڪي ٽيل جي نالي سان پڻ بيان ڪيو ويو آهي. فوتگيون اوندو جي 3 ضلعن ۾ ٿيون آهن.

اختيارين موجب شربت واپرائڻ جا شروعاتي ڪيس هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ سامهون آيا، پر متاثر ماڻهن جو انگ آهستي آهستي وڌندو ويو. ليبارٽري ٽيسٽن دوران شربت جي نمونن ۾ انتهائي خطرناڪ ڪيميڪل ميٿانول وڏي مقدار ۾ مليو، جڏهن ته ان ۾ انڊيڪا قسم جي ڀنگ جا جزا پڻ موجود هئا.

فوڊ اينڊ ڊرگ اٿارٽي موجب زهريلي شربت تيار ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ 15 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ميٿانول انتهائي زهريلو ڪيميڪل آهي، جيڪو جسم جي اهم عضون کي نقصان پهچائي موت جو سبب بڻجي سگهي ٿو ۽ مستقل نابينائي پڻ پيدا ڪري سگهي ٿو.

- Advertisement -

اختيارين موجب متاثرن مان 5 ڄڻا مڪمل طور تي نابينا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 2 ڄڻن جي نظر جزوي طور متاثر ٿي آهي. واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ زهريلي شربت جي تياري ۽ وڪري ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment