تلھار (رپورٽ: صابر حسين لغاري) تلھار جي وارڊ نمبر 9، ڳوٺ ڦوٽو ماڇي جي رهواسڻ شادي شده عورت مسمات تهمينه ملاح مائٽن جي مبينا تشدد ۾ زخمي ٿيڻ بعد حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
متاثر عورت تهمينه ملاح پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ الزام هنيو هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هوءَ شيخ ڀرڪيو ۾ مائٽن وٽ وئي، جتي 3 عورتن مسمات تانيه، ثمرين، نسيما ۽ هڪ مرد محمد خان جروار مٿس مبينا طور تشدد ڪري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو. زخمي حالت ۾ سندس مڙس راشد ملاح کيس تلھار کڻي آيو، جتي حالت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.
حيدرآباد ۾ علاج دوران تهمينه ملاح زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. فوتڻ جي مڙس راشد ملاح ۽ ٻين وارثن مسمات ارشاد خاتون، مسمات گلشن ملاح ۽ ٻين لاش آڏو احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته مبينا جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي.


