Focus with Zardari

گھوٽڪي: ڪارنهن الزام هيٺ 16 ورهين جي ناري قتل، جوابدار فرار

1 Min Read

گھوٽڪي (رپورٽر) بي سيڪشن ٿاڻي جي محمد پور واري علائقي ۾ جوابدار وقار ماڇي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀيڻ، 16 ورهين جي ناري حفيظان ڌيءُ ستار ماڇي کي ڪهاڙي جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو، جڏهن ته اطلاع ملڻ تي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش تحويل ۾ ورتو.

پوليس لاش پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقا اسپتال گھوٽڪي منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment