Focus with Zardari

ڪراچي: عورت ۽ مرد سپر مارڪيٽ مان 50 لک رپيا چوري ڪري فرار

1 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ڪلفٽن 3 تلوار واري علائقي ۾ سپر مارڪيٽ مان 50 لک رپيا چوري ٿيڻ جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ هڪ مرد ۽ عورت مبينا طور لاڪر مان رقم ڪڍي فرار ٿي ويا.

پوليس موجب سپر مارڪيٽ جي سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون آئي آهي، جنهن ۾ مرد ۽ عورت کي مارٽ اندر موجود ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته مرد مبينا طور لاڪر کولڻ بعد رقم ڪڍندي نظر اچي رهيو آهي.

پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران پتو پيو آهي ته جوابدارن وٽ سپر مارڪيٽ جي لاڪر جي چابي اڳ ئي موجود هئي، جنهن ذريعي لاڪر کوليو ويو. پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته واردات ۾ مارٽ اندر جو ڪو ماڻهو جوابدارن سان مليل ٿي سگهي ٿو. واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment