تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي طبي طور تي مڪمل صحتمند آهن ۽ سندن زخم به ٺيڪ ٿي چڪا آهن.
آمريڪي نشرياتي اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ مسعود پزشڪيان چيو ته مجتبيٰ خامنه اي کي صحت بابت ڪو خاص مسئلو درپيش ناهي ۽ هو طبي طور تي مڪمل صحتمند آهن.
ايراني صدر جو چوڻ هو ته هن مجتبيٰ خامنه اي سان ٻه ڀيرا ملاقات ڪئي آهي، جڏهن ته هڪ ملاقات 7 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي.
مسعود پزشڪيان موجب، مجتبيٰ خامنه اي جي چهري ۽ ٽنگن تي جيڪي زخم آيا هئا، اهي به هاڻي ٺيڪ ٿي چڪا آهن.


