گمبٽ (رپورٽر) ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ضلعي جي مختلف پوليس پوسٽن ۽ ٻين هنڌن تي ڊيوٽيون سرانجام ڏيندڙ 104 پوليس اهلڪارن کي پوسٽن تان هٽائي مختلف ٿاڻن تي مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
جاري ڪيل حڪمن موجب اهلڪارن کي اي سيڪشن، بي سيڪشن، ٻٻرلوءِ، شاهه حسين، راڻيپور، ڪنب، ڪوٽڏيجي، پريالوءِ ۽ بوزدار وڏا ٿاڻن تي مقرر ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي موجب ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي نفري جي کوٽ پوري ڪرڻ ۽ پوليسنگ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ اهلڪارن کي پوليس پوسٽن تان هٽائي ٿاڻن تي مقرر ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته پوليسنگ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته سمورن آفيسرن ۽ اهلڪارن کي پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري، ذميواري ۽ مڪمل فرض شناسي سان انجام ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.


