Focus with Zardari

خيرپور: ريلوي اسٽيشن ويجهو مال گاڏي جي بوگي پٽڙي تان لهي وئي

1 Min Read

خيرپور (رپورٽر) ريلوي اسٽيشن ويجهو پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مال گاڏي جي هڪ بوگي ريلوي ڦاٽڪ لقمان سامهون پٽڙي تان لهي وئي، جنهن سبب اپ ۽ ڊائون ٻنهي ٽريڪن تي ريلوي سروس عارضي طور معطل ٿي وئي.

ريلوي سکر ڊويزن جي ايمرجنسي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي ٽريڪ جي بحاليءَ لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ريلوي اختيارين موجب ڪجهه ڪلاڪن اندر بحاليءَ جو ڪم مڪمل ڪري سروس بحال ڪئي ويندي.

مال گاڏي جي بوگي پٽڙي تان لهڻ واري واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن.

Share This Article
Leave a Comment