ڪنڌڪوٽ ۾ گردوارا روڊ زبون جو شڪار ٿي ويو آهي، جنهن ڪري شهري سفر دوران سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.
شهرين جو چوڻ آهي ته روڊ جي حالت خراب آهي، هر پاسي گند ڪچري جا ڍير آهن، ڪا سهولت ناهي، ميت وڃي ٿي ته اها به تڪليف ۾، هر انسان پريشان آهي، ڊي سي آيو آهي، فنڊ هڙپ ڪري ويو آهي، گندگي سبب بيماريون پکڙيل آهن، ٻي ڪا سهولت نٿا ڏئي سگهن ته روڊ رستي جي ڏين. وڏي وقت کان روڊ جي حالت خراب لڳي پئي آ، ڄاڻ پاڻي آيو، هي روڊ ڀرجي ويندو، عوام کي ڏاڍي تڪليف آهي، سياستدان ڪجهه ئي نٿا ڪن، پيسا کائي ويا، روڊ سميت سموري شهر جي حالت بري لڳي پئي آهي…..


