Focus with Zardari

شڪارپور ۾ بدامني جو راڪاس، 9 مهينن ۾ 20 عورتن سميت 108 ڄڻا قتل، انصاف اڃا سوال بڻيل

5 Min Read

شڪارپور ضلعو هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني، قبائلي تڪرارن، غيرت جي نالي تي قتل، جنسي زيادتي ۽ خودڪشين جي واقعن سبب ڳڻتي جوڳي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي .

سنڌ وائيس پاران گڏ ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ سال جي پهرين 9 مهينن دوران ضلعي جي مختلف علائقن ۾ عورتن سميت 108 ڄڻا مختلف واقعن ۾ قتل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته بيروزگاري ۽ گهريلو پريشانين سميت مختلف سببن جي نتيجي ۾ 3 عورتن سميت 22 مردن پاران خودڪشي ڪرڻ جا واقعا پڻ رپورٽ ٿيا .

انهن انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته شڪارپور ضلعي جي مختلف علائقن ۾ انساني جان جي تحفظ جو مسئلو ڪيترو سنگين بڻجي چڪو آهي.

گڏ ڪيل انگن اکرن موجب رستم ۾ 27، شڪارپور شهر ۾ 23، مدئجي ۾ 22، همايون شريف ۾ 7، ڳڙهي ياسين ۾ 8، ميان صاحب ۾ 4، چڪ ۾ 5، لکي غلام شاهه ۾ 5، خانپور ۾ 5 ۽ ڊکڻ ۾ 2 ڄڻا قتل ڪيا ويا.

- Advertisement -

اهي رڳو انگ ناهن، هر انگ جي پويان هڪ خاندان، هڪ گهر ۽ ڪنهن جي پيار واري ماڻهو جي ڪهاڻي موجود آهيم ڪنهن جو پٽ، ڪنهن جو ڀاءُ، ڪنهن جو پيءُ ۽ ڪنهن جي ماءُ يا ڌيءَ، اوچتو تشدد جي ور چڙهي وئي، جڏهن ته مقتولن جا وارث اڄ به ان سوال سان بيٺل آهن ته سندن پيارن جي خون جو انصاف ڪڏهن ٿيندو؟

شڪارپور ضلعي ۾ بدامني جي صورتحال جو هڪ ٻيو افسوسناڪ پاسو اهو آهي ته قتل ٿيندڙن ۾ چار پوليس اهلڪار پڻ شامل آهن.

پوليس اهلڪار جيڪي ٻين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ مقرر آهن، اهي پاڻ به تشدد جو نشانو بڻجڻ ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بابت سنجيده سوال اٿاري ٿو.

شڪارپور ضلعي اندر عورتن خلاف تشدد جو هڪ ٻيو خطرناڪ رخ غيرت جي نالي تي قتل جا واقعا آهن.گڏ ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ سال ضلعي اندر نوجوانن سميت 20 عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو.

تازو ڪوٽ شاهو جي ڪچي واري علائقي ۾ نسرين زال شاهنواز مرڻاڻي جتوئي جي قتل جو واقعو پڻ سامهون آيو، جنهن بابت ڄاڻ ملي ٿي ته کيس قتل ڪرڻ بعد لاش درياهه ۾ لوڙهيو ويو.

- Advertisement -

واقعي بابت الزام اهو پڻ سامهون آيو آهي ته مبينا طور ڌرين وچ ۾ ڊيل ٿيڻ کان پوءِ ڪيس داخل نه ڪيو ويو ۽ نه ئي واقعي جي شفاف جاچ ٿي سگهي.

شڪارپور ضلعي ۾ هلندڙ سال جنسي زيادتي جا گهٽ ۾ گهٽ ٽي واقعا پڻ رپورٽ ٿيا آهن.

امروٽ ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ناري کي مبينا جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، رستم ٿاڻي جي حد ۾ هڪ نينگر کي اغوا ڪرڻ کان پوءِ مبينا بدفعلي ڪئي وئي، جڏهن ته شڪارپور شهر جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد ۾ پڻ هڪ نينگري سان مبينا زيادتي جو واقعو رپورٽ ٿيو.

- Advertisement -

رپورٽن موجب ڪجهه واقعن ۾ جوابدارن جي گرفتاري بابت سوال موجود آهن، جڏهن ته رستم واري واقعي ۾ متاثر ڌر سان جرڳي ذريعي معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

سنڌ وائيس پاران هن سموري صورتحال تي شڪارپور پوليس جي ترجمان کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پوليس جو رد عمل نه اچي سگهيو

ٻئي طرف لاڳاپيل ٿاڻن جي پوليس جو موقف آهي ته ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن.

پوليس موجب محمد آباغ ۾ ٿيل ٻٽي قتل جي مرڪزي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، شڪارپور شهر ۾ نينگري عمر لاشاري جي قتل ڪيس ۾ ٽي مرڪزي جوابدار گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته رستم ۾ نينگر سان مبينا زيادتي واري ڪيس ۾ پڻ مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي واقعن ۾ جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وئي آهي، تنهنڪري سمورن ڪيسن ۾ جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ جو تاثر درست ناهي.

هتي هڪ طرف قبائلي ۽ ذاتي تڪرار آهن، ٻي طرف غيرت جي نالي تي عورتن جا قتل، ٻئي طرف جنسي ڏوهن جا واقعا، جڏهن ته بيروزگاري ۽ گهريلو پريشانين سبب خودڪشين جا انگ پڻ سماج اندر وڌندڙ دٻاءَ ڏانهن اشارو ڪن ٿا.

شڪارپور جا هي انگ رڳو ڪاغذ تي لکيل انگ ناهن، پر اهي هڪ اهڙي سماج جي تصوير پيش ڪن ٿا، جتي ڪيترائي خاندان پنهنجن پيارن جي موت جو درد کڻي اڄ به انصاف جا منتظر آهن.

بدامني جو راڪاس رڳو زندگيون نٿو کسي، اهو ماڻهن جو قانون، ادارن ۽ انصاف تي اعتماد پڻ ڪمزور ڪري ٿو.

Share This Article
Leave a Comment