سنڌ ۾ بدامني تي ضابطي، اغوا جي واقعن جي خاتمي ۽ امن امان بهتر ٿيڻ جون دعوائون ته ٿينديون رهيون آهن، پر گهوٽڪي مان سامهون آيل هڪ واقعو انهن دعوائن تي وري سوال اٿاري رهيو آهي…
ڇو ته هاڻي رڳو عام شهري ئي نه، پر ماڻهن جا مسئلا ۽ بدامني جون خبرون عوام تائين پهچائيندڙ صحافي به مبينا طور اغوا ٿيڻ لڳا آهن…
ڄاڻ موجب، خانپور مهر جو صحافي ۽ ڪي ٽي اين نيوز جو رپورٽر عظيم سيال گذريل رات شهر مان پنهنجي ڳوٺ ڏانهن ويندي مبينا طور لاپتا ٿي ويو، جنهن کانپوءِ سندس وارثن ۽ صحافي برادري ۾ ڳڻتي پکڙجي وئي…
عظيم سيال جي مبينا اغوا جي خبر پکڙجڻ شرط گهوٽڪي جا صحافي ۽ شهري احتجاج لاءِ روڊن تي نڪري آيا…
گهوٽڪي بس ٽرمينل وٽ قومي شاهراهه تي صحافين ۽ شهرين ڌرڻو هڻي سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، جنهن سبب ٻنهي طرفن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون…
احتجاج ڪندڙن جو مطالبو هو ته صحافي عظيم سيال کي بنا دير حفاظت سان بازياب ڪرايو وڃي.
صحافي جي اغوا بعد سندس وارثن کي مبينا اغوا ڪندڙن فون ڪري ڀنگ گهري ورتو.
عظيم سيال جي وارثن دعويٰ ڪئي ته مبينا اغوا ڪندڙن صحافيءَ جي بازيابي عيوض هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، جڏهن ته هن واقعي جو سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سکر کان تفصيل طلب ڪيا آهن…
گهرو وزير پوليس کي واقعي جي شفاف ۽ جامع جاچ جي هدايت ڪندي مغوي صحافي عظيم سيال جي حفاظت سان بازيابي يقيني بڻائڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي.
صحافين خلاف ڏوهن جو هي پهريون واقعو ناهي، ان کان اڳ سکر جي صحافي جان محمد مهر کي به قتل ويو هو جڏهن ته ميرپورماٿيلي جي صحافي نصرالله گڏاڻي کي به گولين جو کاڄ بڻايو ويو هو.
گهوٽڪي، خانپور مهر، ميرپورماٿيلي ۽ ڀرپاسي وارا علائقا ڊگهي عرصي کان بدامني ۽ اغوا جي واقعن سبب بحث هيٺ رهيا آهن…
سنڌ پوليس جي 2026 جي شروعاتي مهينن جي دستياب انگن موجب سڄي سنڌ ۾ اغوا جا هڪ هزار 787 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته ڀنگ عيوض اغوا جا 24 ڪيس به داخل ٿيا…
گهوٽڪي ضلعي ۽ ڀرپاسي ۾ اغوا سان لاڳاپيل واقعا ۽ ڪيس مسلسل سامهون اچڻ سبب علائقي ۾ تحفظ بابت خدشا برقرار آهن…
حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ اغوا ڪندڙ گروهن خلاف آپريشن، مغوين جي بازيابي ۽ بدامني جي خاتمي جون دعوائون ڪيون وڃن ٿيون…
پر هاڻي اغوا جي هڪ نئين واقعي اهو سوال ضرور ڇڏيو آهي ته آخر عام ماڻهو ۽ هاڻي صحافي به ڪيترو محفوظ آهن؟
عظيم سيال جي مبينا اغوا کانپوءِ صحافي برادري سراپا احتجاج بڻيل آهي. صحافين جو مطالبو آهي ته عظيم سيال کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي، مبينا اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ گهوٽڪي، خانپور مهر، ميرپورماٿيلي سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ عام شهرين ۽ صحافين جي تحفظ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن


