شڪارپور(عتيق ڌُڪڙ) عبدالله ٽائون ۾ 10 ورهين جي نينگر تي پيٽرول هاري باهه ڏئي سندس نازڪ عضوو ساڙڻ جو واقعو پيش آيو آهي.
واقعي بعد متاثر نينگر سرفراز جي پيءُ اياز مهر جي فرياد تي لکيدر ٿاڻي تي ٻن ڀائرن جاويد ۽ راجا بهلڪاڻي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ايس ايڇ او لکيدر موجب پوليس مک جوابدار جاويد بهلڪاڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٻئي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان پيش آيو، متاثر نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس علاج جاري آهي.
نينگر جي والد اياز مهر جو چوڻ آهي ته سندس پٽ سان تمام وڏي ناانصافي ٿي آهي، ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.


