نيشويل (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ٽينيسي ۾ موت جي سزا تي عمل دوران 2 ڀيرا موتمار انجڪشن لڳڻ باوجود زنده بچي ويل 50 سالا عورت قيدياڻي ڪرسٽا پائيڪ هوش ۾ اچي وئي، جنهن بعد هن ڳالهائڻ پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ڪرسٽا پائيڪ کي 1995ع ۾ پنهنجي هم جماعت ڪولين سليمر جي قتل جي ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. 30 سيپٽمبر تي کيس پينٽوباربيٽل جا 2 انجڪشن ڏنا ويا، پر ٻنهي ڪوششن باوجود سندس موت نه ٿيو.
وڪيلن موجب پائيڪ ڪيترن ڏينهن تائين بيهوش ۽ وينٽيليٽر تي رهي، جڏهن ته هاڻي هوش ۾ اچي ڳالهائي رهي آهي. سندس ٻانهن تي شديد زخم ۽ ساڙ جا نشان پڻ آهن ۽ هوءَ اسپتال ۾ سخت طبي نگراني هيٺ آهي.
طبي ماهرن جو خيال آهي ته انجڪشن لڳائڻ واري IV لائن ۾ خرابي سبب دوا رڳن بدران جسم جي ٽشوز ۾ منتقل ٿي، جنهن ڪري موتمار دوا جو گهربل اثر نه ٿيو.
واقعي کانپوءِ ٽينيسي جي گورنر 2026ع لاءِ موت جي سزائن تي عارضي پابندي لڳائي آزاداڻي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته پائيڪ جي وڪيلن سندس سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.


