ڪوٽ ڏيجي (رپورٽر) جهنڊا شاخ اسٽاپ وٽ پراڻي نيشنل هاءِ وي تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ مظهر ماڊل اسڪول راڻيپور ۾ پڙهندڙ ڪنب واسي 9هين ڪلاس جو شاگرد علي مهدي عرف وفا گوپانگ شديد زخمي ٿي پيو.
حادثي بعد زخمي شاگرد کي نازڪ حالت ۾ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران هو فوت ٿي ويو.


