جوهي (رپورٽر) جوهي ڀرسان ڳوٺ رحيم چنا ۾ چنا برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهٽي جي لنگهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ هڪ ڌر جي مدينا خاتون، عرس چنو ۽ ذوالفقار چنو شامل آهن، جڏهن ته ٻي ڌر جي مسمات هوا، اڪبر چنو، مينهون خان چنو ۽ ٻيا شامل آهن.
سڀني زخمين کي علاج لاءِ جوهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي.


