Focus with Zardari

ڏهرڪي: قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 ڄڻا سخت زخمي

0 Min Read

ڏهرڪي (رپورٽر) ڏهرڪي ۾ قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ مومل جي ماڙي جا رهواسي الله رکيو ڪلادي ۽ علي رضا ڪلادي سخت زخمي ٿي پيا.

حادثي کانپوءِ زخمين کي علاج لاءِ ڏهرڪي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

اطلاع آهن ته حادثي کانپوءِ ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment