گمبٽ (رپورٽر) گمبٽ جي گورنمينٽ مراد هاءِ اسڪول ۾ مبينا انتظامي بي ضابطگين، مرمت ۽ بحاليءَ لاءِ مختص سرڪاري فنڊن جي استعمال، آءِ ٽي ۽ فزڪس ليبارٽرين جي قيمتي سامان جي چوري ۽ اسڪول جي ملڪيت جي حفاظت ۾ غفلت جو معاملو سامهون اچي ويو آهي. شڪايت تي محتسب اعليٰ سنڌ پاران ڪارروائي ڪندي ضلعي تعليم آفيسر ۽ اسڪول جي هيڊ ماستر کان رپورٽون ۽ موقف طلب ڪيا ويا آهن.
دستاويزن موجب، گمبٽ جي رهواسي نعمت الله ولد مرحوم غوث بخش شيخ پاران داخل ڪرايل شڪايت ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته اسڪول جي مرمت ۽ بحاليءَ لاءِ ڪافي سرڪاري فنڊ مختص ٿيڻ باوجود ڪم اڻپورو رهيو، جڏهن ته آءِ ٽي ۽ فزڪس ليبارٽرين جو قيمتي سامان ۽ ٻيون شيون پڻ مبينا طور چوري ٿي ويون آهن.
شڪايت ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته اسڪول جي عمارت ۽ بنيادي ڍانچي جي حالت خراب آهي، جڏهن ته ملڪيت جي حفاظت، سار سنڀال ۽ انتظامن ۾ مبينا غفلت سبب شاگردن جي تعليمي ماحول تي ناڪاري اثر پئجي رهيو آهي.
دستاويزن موجب، محتسب اعليٰ سنڌ پاران شڪايت کي قانوني ڪارروائي لاءِ قبول ڪرڻ کانپوءِ ضلعي تعليم آفيسر (ES&HS) خيرپور ۽ گورنمينٽ مراد هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر کان رپورٽون طلب ڪيون ويون آهن. معاملي جي جاچ ۽ لاڳاپيل اختيارين جي موقف کانپوءِ ئي مبينا بي ضابطگين جي ذميواري جو تعين ٿي سگهندو.


