اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ به صدر پاران خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي اعلان جي توثيق ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته قرارداد جي منظوري دوران مخالف ڌر پاران سخت احتجاج ڪيو ويو.
رپورٽن موجب خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي جي توثيق بابت قرارداد وفاقي وزير طارق فضل چوڌري سينيٽ ۾ پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو ته صدر مملڪت 11 آڪٽوبر 2026ع تي آئين جي آرٽيڪل 232 تحت خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جي پارليامينٽ پاران توثيق ڪئي وڃي.
سينيٽ جي چيئرمين پاران ووٽنگ کانپوءِ قرارداد منظور ڪئي وئي، جنهن تي مخالف ڌر جي ميمبرن سخت احتجاج ڪيو. اپوزيشن ليڊر علامه ناصر عباس ڊائس آڏو قرارداد جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏي، جڏهن ته حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن وچ ۾ ڇڪتاڻ پڻ پيدا ٿي. احتجاج دوران پاڪستان تحريڪ انصاف جا ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.
قومي اسيمبلي ۾ به قرارداد منظور
ان کان اڳ قومي اسيمبلي ۾ پڻ خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي اعلان جي توثيق بابت قرارداد اڪثريتي راءِ سان منظور ڪئي وئي هئي. اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ حڪومتي ڌر قرارداد پيش ڪئي، جڏهن ته مخالف ڌر ان جي مخالفت ڪئي.
قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ٻنهي مان قرارداد منظور ٿيڻ کانپوءِ خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي جي اعلان جي پارلياماني توثيق ٿي وئي آهي.


