ميهڙ (رپورٽر) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڪولاچي موري وٽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ ۾ قتل ٿيل واٽهڙو نينگري عارفہ ڌيءَ عبدالستار ڪولاچي جي وارثن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ دادو ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
مارجي ويل نينگري جي پيءُ عبدالستار ڪولاچي ۽ ٻين وارثن الزام هنيو ته سندن نياڻي دڪان تان سودو وٺڻ لاءِ وئي هئي، جتي کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران انب کوسو ۽ سندس پٽ جي مبينا فائرنگ ۾ نينگري مارجي وئي.
مظاهرين چيو ته واقعي کي 3 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته نينگري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.


