ڪراچي ( پ ر) سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان عاطف چيو آهي ته سنڌ جي بزرگ اديبن ۽ محققن جو علمي پورهيو سنڌ جو قيمتي سرمايو آهي، جنهن جي حفاظت، پذيرائي ۽ دستاويزي ترتيب وقت جي اهم ضرورت آهي.
مخدوم سعيد الزمان عاطف سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر، نامياري اديب ۽ محقق نواز علي شوق جي رهائشگاهه تي پهچي سندس پٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، جڏهن ته سندس عيادت ڪندي صحتيابيءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.
ان موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي سرگرمين، سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه، ڪلاسيڪي ادب جي حفاظت، ناياب ڪتابن جي اشاعت ۽ سنڌ جي ادبي ورثي کي نئين نسل تائين منتقل ڪرڻ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
مخدوم سعيد الزمان عاطف چيو ته سنڌي ادبي بورڊ رڳو ڪتاب ڇپائيندڙ ادارو نه، پر سنڌ جي تهذيبي شعور، علمي روايتن، ٻوليءَ جي سونهن ۽ ادبي ورثي جو امين آهي. اداري جي ذميواري آهي ته سنڌ جي ناميارن اديبن، شاعرن، محققن ۽ عالمن جي علمي خدمتن کي محفوظ بڻائي، تحقيق جي نون لاڙن کي هٿي ڏئي ۽ معياري ڪتاب پڙهندڙن تائين پهچائي.
هن چيو ته بزرگ اديبن ۽ محققن جي تجربن، تحقيق ۽ علمي خدمتن مان نئين نسل کي رهنمائي فراهم ڪري سنڌي ادب جي روشن روايتن کي وڌيڪ سگهارو بڻائي سگهجي ٿو.
ملاقات دوران سنڌي ادبي بورڊ جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي منصوبن لاءِ سنڌ حڪومت طرفان گهربل فنڊ جاري نه ٿيڻ واري صورتحال تي پڻ افسوس جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي اداري جي سرگرمين کي بنا رنڊڪ جاري رکڻ، ناياب ڪتابن جي اشاعت ۽ سنڌ جي ادبي ورثي جي تحفظ لاءِ گهربل مالي وسيلا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.
نواز علي شوق پڻ سنڌي ادبي بورڊ جي ذميوارين، ڪتابن جي اشاعت، علمي تحقيق ۽ سنڌي ادب جي ترقيءَ بابت پنهنجا ويچار ونڊيا. ملاقات ۾ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت، علمي تحقيق جي واڌاري ۽ ادبي ورثي جي حفاظت لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي اتفاق ڪيو ويو.


