Focus with Zardari

سرڪاري آفيسرن جي ٻارن جا بليو پاسپورٽ ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽ ۾ بل منظور

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ سرڪاري آفيسرن جي ٻارن کي بليو پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي اجازت ختم ڪرڻ لاءِ پاسپورٽ ايڪٽ 1974ع ۾ ترميم جو بل 2026ع متفقه طور منظور ڪري ورتو، جڏهن ته رٽائرڊ سرڪاري آفيسرن جي ٻارن جا بليو پاسپورٽ به منسوخ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سينيٽر عبدالقادر پاسپورٽ ايڪٽ 1974ع ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو. تحريڪ تي ووٽنگ کانپوءِ ايوان بل متفقه طور منظور ڪري ورتو.

سينيٽر عبدالقادر جو چوڻ هو ته گريڊ 21 جي سرڪاري آفيسرن جي ٻارن کي بليو پاسپورٽ ڏنا وڃن ٿا، جڏهن ته چونڊيل سينيٽرن کي به پاسپورٽ جي معاملي ۾ ساڳيون سهولتون ملڻ گهرجن. هن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن سرڪاري آفيسرن جي ٻارن کي اها سهولت ڏني وڃي ٿي ته پارليامينٽ جي ميمبرن لاءِ به ساڳيو اصول اختيار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اها سهولت ختم ڪئي وڃي.

وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو ته گريڊ 21 ۽ 22 جي رٽائرڊ سرڪاري آفيسرن جي ٻارن کي به بليو پاسپورٽ نه ملڻ گهرجن ۽ ان معاملي کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته سينيٽرن کي پاسپورٽ ڏيڻ بابت به قومي اسيمبليءَ جهڙو طريقو اختيار ڪرڻ جي حمايت ڪئي پئي وڃي.

- Advertisement -

گهرو مامرن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته بليو پاسپورٽن جو انگ ٻين ملڪن سان ويزا کانسواءِ داخلا بابت ڳالهين تي اثرانداز ٿئي ٿو. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ بليو پاسپورٽن جو انگ اڳ ئي گهٽايو ويو آهي، جڏهن ته اڳ واپس ورتل 30 هزار بليو پاسپورٽن ۾ ڪو به پارليامينٽ جو ميمبر شامل نه هو.

Share This Article
Leave a Comment