ڪمال ديرو ( ويب ڊيسڪ )ڪمال ديرو ڀرسان آبادگارن پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته پاڻي کوٽ سبب فصلن جي پوک متاثر ٿي آهي ۽ زرعي زمينون غيرآباد ٿي رهيون آهن.
بڪري مائنر مان پاڻيءَ جي فراهمي متاثر ٿيڻ تي علائقي جي آبادگارن پاران احتجاج ڪيو ويو. آبادگارن جو چوڻ آهي ته پاڻيءَ جي کوٽ سبب سندن زرعي سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن، جنهن ڪري کين معاشي نقصان جو خدشو آهي.
آبادگارن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مائنر ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ واري صورتحال جو جائزو وٺي، پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ زرعي زمينن تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ ترت قدم کنيا وڃن.
علائقي جي آبادگارن جو چوڻ آهي ته پاڻيءَ جي مسئلي جو حل نه نڪتو ته سندن فصلن ۽ روزگار تي وڌيڪ خراب اثر پئجي سگهي ٿو.


