خيرپور (رپورٽر) هنڱورجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالله سهتو ۾ اوطاق تي ويٺل نوجوان زوهيب احمد سهتو کي نامعلوم هٿياربند گوليون هڻي قتل ڪري ويا.
واقعي جو اطلاع ملڻ تي هنڱورجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي. نوجوان جي قتل جا ڪارڻ فوري طور معلوم نه ٿي سگهيا، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


