Focus with Zardari

اين سي سي آءِ اي پاران ايس يو پي سربراهه سيد زين شاهه 22 آڪٽوبر تي طلب، پارٽي جو وڪيلن کي موڪلڻ جو فيصلو

1 Min Read

حيدرآباد (رپورٽ: ذاڪر لغاري) نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) ڪراچي پاران آن لائن بدناميءَ بابت شڪايت جي جاچ جي سلسلي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي سربراهه سيد زين شاهه کي 22 آڪٽوبر تي طلب ڪري نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته سيد زين شاهه اين سي سي آءِ اي آڏو ذاتي حيثيت ۾ پيش نه ٿيندو، پر سندس طرفان سنڌ يونائيٽيڊ لائيرز فورم جا وڪيل پيش ٿيندا، جيڪي جاچ بابت پڇيل سوالن جا جواب ڏيڻ سان گڏ پنهنجو موقف پيش ڪندا.

جاري ڪيل نوٽيس موجب، آن لائن بدناميءَ بابت شڪايت جي سلسلي ۾ هلندڙ انڪوائري تحت سيد زين شاهه جو بيان رڪارڊ ڪرڻو آهي. نوٽيس ۾ کيس اصل قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ شڪايت سان لاڳاپيل ثبوتن ۽ رڪارڊ سميت اين سي سي آءِ اي ڪراچي جي آفيس ۾ حاضر ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment