Focus with Zardari

لاڙڪاڻو: خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ مبينا غلط آپريشن سبب عورت فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، انصاف جو مطالبو

1 Min Read

لاڙڪاڻو: (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي جي خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ مبينا طور غلط آپريشن ۽ ڊاڪٽرن جي غفلت سبب عورت آسما خاتون زال نعيم علي کوسو فوت ٿي وئي، وارثن پاران عورت جو لاش ايس ايس پي چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

فوتي عورت جي وارثن الزام هنيو ته خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي جي مبينا غفلت سبب آپريشن دوران عورت جي حياتي ضايع ٿي وئي، واقعي کانپوءِ گهر ۾ ڪهرام متل آهي ۽ وارثن جو روڄ راڙو جاري آهي.

هوڏانهن وارثن ايس ايس پي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي خانگي ميڊيڪل سينٽر ۽ لاڳاپيل ڊاڪٽرن خلاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي، جڏهن ته مبينا غفلت ۾ ملوث ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment