Focus with Zardari

ملتان: يتيم ٻار وسيم عباس کي گاڏيءَ هيٺان چيڀاٽي ماريندڙ جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، سي سي ڊي

2 Min Read

ملتان ۾ 15 ورهين جي يتيم ٻار وسيم عباس کي گاڏيءَ هيٺان چيڀاٽي ماريندڙ جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو. ڪرائم ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ (سي سي ڊي) موجب جوابدار پوليس رمانڊ دوران حراست مان فرار ٿي ويو هو، جنهن کي بهاولپور ناردرن باءِ پاس وٽ ساٿي سميت موٽرسائيڪل تي ويندي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

سي سي ڊي موجب پوليس کي ڏسي موٽرسائيڪل سوارن فائرنگ ڪئي، جنهن دوران جوابي ڪارروائي ۾ جوابدار توقير نذير مارجي ويو، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث ٻئي جوابدار امجد جي گرفتاري لاءِ فيصل آباد ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

واضح رهي ته جوابدار توقير نذير گذريل ڏينهن ملتان ۾ 15 ورهين جي يتيم ٻار وسيم عباس کي گاڏيءَ سان چيڀاٽي ماريو هو، واقعي جون سي سي ٽي وي فوٽيجز به سامهون آيون هيون. جوابدار کي عدالت چار ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو هو.

پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ موجب وسيم عباس جي مٿي تي شديد ڌڪ لڳل هو، پٺيءَ جي هڏي ڀڳل هئي ۽ جسم جي مختلف حصن تي زخمن جا نشان موجود هئا، جڏهن ته مٿي تي شديد ڌڪ ۽ دماغ کي نقصان پهچڻ سبب سندس موت ٿيو.

- Advertisement -

وسيم عباس مظفر ڳڙهه جو رهواسي ۽ يتيم هو، جيڪو اليڪٽريشن جو ڪم سکڻ لاءِ جوابدار توقير نذير وٽ رهندو هو.

Share This Article
Leave a Comment