ٺل (رپورٽر: محمد حيات ڪنراڻي) ٺل ۾ ڏينهن ڏٺي جو موٽرسائيڪل سوار 4 اڻڄاتل هٿياربند سارين جي واپاري گانتيش ڪمار کي يرغمال بڻائي ساڍا ٽي لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
واقعو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد دريا خان چوڪ وٽ پيش آيو، ڦر جي اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معلومات وٺڻ بعد واپس رواني ٿي وئي.
ان موقعي تي متاثر واپاري گانتيش ڪمار چيو ته شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو واپارين کان ڦر جون وارداتون ٿي رهيون آهن، جنهن سبب واپاري پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن اهڙي صورتحال برقرار رهي ته واپار ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو ۽ واپاري پنهنجو ڪاروبار بند ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.
هوڏانهن واپارين ۽ شهرين اعليٰ پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ڦر ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي ۽ شهر ۾ واپارين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.


