ڪشمور (ويب ڊيسڪ) ڪشمور جي مال پڙي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊيرا بگٽي واسي 56 ورهين جو پليا خان مريٽو مارجي ويو. مقتول چوپائي مال جي خريد ۽ وڪري لاءِ مال پڙي آيل هو، جتي هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو.
واقعي کانپوءِ مقتول جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي لاش موجود آهي. پوليس موجب شروعاتي ڄاڻ تحت واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي.


