ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت پاران پوليو جي خاتمي واري مهم کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ عوام ۾ آگاهي وڌائڻ لاءِ ميڊيا ڪيمپين کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان سلسلي ۾ سيڪريٽري اطلاعات سنڌ ڪاشف گلزار شيخ جي صدارت هيٺ صوبائي ٽاسڪ فورس جي فالو اپ اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشن محمد يوسف ڪابورو ، ڊائريڪٽر انفارميشن سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا عبدالعزيز ھڪڙو، ڊپٽي سيڪريٽري صاحب خان ڀنڊ، ڊائريڪٽر اطلاعات پريس انفارميشن ماجد خان ۽ ٻيا صحت کاتي، اي پي آءِ سنڌ ۽ يونيسيف جي نمائندن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران پوليو کان بچاءَ لاءِ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي اهميت بابت والدين ۽ عام شهرين ۾ شعور پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پوليو جي خاتمي واري مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پرنٽ، اليڪٽرانڪ، سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا کي ڀرپور نموني استعمال ڪيو ويندو.
سيڪريٽري اطلاعات سنڌ ڪاشف گلزار شيخ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته صوبي جي ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي پوليو کان بچاءَ بابت آگاهي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، جيئن هر علائقي ۾ والدين تائين اهم معلومات پهچائي سگهجي.
هن چيو ته پوليو بابت پکڙجندڙ غلط فهمين ۽ افواهن جي خاتمي لاءِ تصديق ٿيل ۽ درست معلومات جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته عوام کي پوليو جي قطرن جي اهميت ۽ ٻارن جي صحت جي تحفظ بابت آگاهي ڏني وڃي.
اجلاس ۾ اطلاعات کاتي، صحت کاتي ۽ يونيسيف وچ ۾ باهمي سهڪار ۽ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو ويو، جيئن پوليو جي خاتمي لاءِ جاري ڪوششن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي.
سنڌ حڪومت پاران ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته ميڊيا ۽ لاڳاپيل ادارن جي گڏيل ڪوششن ذريعي پوليو بابت عوامي شعور کي هٿي وٺرائي ويندي ۽ ٻارن کي هن موذي مرض کان محفوظ رکڻ لاءِ آگاهي مهم کي وڌيڪ سگهارو بڻايو ويندو.