Focus with Zardari
اهم خبرون

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي ٻيهر حملي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

1 Min Read

واشنگٽن (ويب نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جلد ايران تي ٻيهر حملو ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته آمريڪا ايران کي سخت نقصان پهچايو آهي ۽ وڌيڪ ڪارروائي به ڪري سگهي ٿو.

وائيٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران کي جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. سندس چوڻ هو ته ايران خلاف قدم کڻڻ جي سياسي قيمت ادا ڪرڻي پئجي سگهي ٿي، جنهن جو کيس اڳ ئي اندازو هو.

آمريڪي وچ مدي وارن چونڊن دوران جنگ جي ووٽرن تي اثرن بابت سوال تي ٽرمپ چيو ته ڪجهه ماڻهو سندس قدمن کي پسند ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته ٻيا شايد انهن جي حمايت نه ڪن.

ان کان اڳ آمريڪي صدر ايران سان ڳالهين جي ترديد ڪندي چيو هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه نه پئي ٿئي ۽ تڪرار بابت جلد ڪا اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي.

- Advertisement -

هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪا فوجي ۽ مالي لحاظ کان ايران خلاف بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment