پشاور(ويب نيوز) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرڪ ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڊي ايس پي سي ٽي ڊي عمران الدين خان سميت 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.
ڪي پي پوليس موجب، گذريل رات خرم ٿاڻي جي حد ۾ چرپيرا روڊ تي دهشتگردن ناڪابندي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ دهشتگردن جي موجودگي ۽ چرپر خلاف سرچ اينڊ اسٽرائيڪ آپريشن شروع ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته آپريشن جي اڳواڻي ڊي ايس پي سي ٽي ڊي ڪري رهيو هو، جڏهن ته بم ڊسپوزل يونٽ، ڊرون ٽيم، ريسڪيو 15 ۽ ريپڊ رسپانس فورس جا اهلڪار پڻ آپريشن ۾ شامل هئا.
آپريشن دوران پوليس ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڊي ايس پي سي ٽي ڊي عمران الدين خان سميت 4 پوليس اهلڪارن شهادت ماڻي.
شهيد پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز سرڪاري اعزاز سان ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ خيبرپختونخوا پوليس جي آءِ جي ذوالفقار حميد، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي جواد قمر، آر پي او ڪوهاٽ شاڪر حسين داوڙ سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.
خيبرپختونخوا پوليس جي آءِ جي ذوالفقار حميد چيو ته بهادر پوليس اهلڪارن دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون.


