Focus with Zardari
اهم خبرون

ملير: پورٽ قاسم ويجهو ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان فوت

1 Min Read

ملير (شاهد ڇڄڙو) ملير ۾ پورٽ قاسم جي ابوبڪر مسجد ويجهو ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان فوت ٿي ويو.

حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويل نوجوان جي سڃاڻپ ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال واسي آبان خان طور ٿي آهي.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي بن قاسم پوليس پهچي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس موجب، حادثي کانپوءِ ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment