شڪارپور: (رپورٽر) لکي غلام شاهه شهر جي جوڻيجو محلي ۾ گذريل رات دير سان ڪارنهن الزام هيٺ پيءُ مبينا طور پنهنجي ڌيءَ سميت ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. مقتولن ۾ 20 ورهين جي غير شادي شده ناري مرڪ جوڻيجو ۽ 21 ورهين جو نوجوان الله رکيو عرف جميل جوڻيجو شامل آهن، جن کي سندن پيءُ ميهل جوڻيجو مبينا طور قتل ڪيو.
واقعي جو اطلاع ملڻ تي لکي غلام شاهه پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال منتقل ڪيا، جتي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي. پوسٽ مارٽم جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا.
ٻئي طرف، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، جڏهن ته پوليس پاران واقعي بابت وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جاري آهي.


