ٺل: (رپورٽر) گرڊ اسٽيشن ويجهو موٽرسائيڪل ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻه ڀائر انيس الرحمان ۽ منير احمد پٽ حميد الرحمان ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته سندن ننڍو ڀاءُ علي لاشاري زخمي ٿي پيو.
فوتين ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال ٺل منتقل ڪيو ويو. ٽئي ڀائر ڳوٺ علي مراد لاشاري کان شهر اچي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. پوليس ٽرڪ تحويل ۾ وٺي ڇڏي.


