شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي جهان خان روڊ تي تيز رفتار ٽرالر جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ نوجوان محمد علي ڀنڊار فوت ٿي ويو، جڏهن ته فيصل ابڙو سخت زخمي ٿي پيو.
جهان خان پوليس زخمين کي کڻائي ٽراما سينٽر سکر منتقل ڪيو، جتي علاج دوران محمد علي ڀنڊار زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس موجب زخمي فيصل ابڙو جي حالت پڻ ڳڻتيءَ جوڳي آهي، جڏهن ته حادثي کانپوءِ ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.


