Focus with Zardari
اهم خبرون

مير رضا ڪيس جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ گڏيل جاچ ٽيم قائم، حساس ادارن جا نمائدا شامل هوندا

1 Min Read

ڪراچي: (رپورٽر) مير رضا قتل ڪيس جي جاچ لاءِ سنڌ حڪومت گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) قائم ڪري ڇڏي، ڊي آءِ جي عرفان بلوچ ٽيم جي سربراهي ڪندو.

جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ، آءِ بي، سنڌ رينجرز ۽ اين سي سي آءِ اي جا نمائندا شامل هوندا. سنڌ حڪومت لاڳاپيل ادارن کي خط لکي گريڊ 18 يا ان کان مٿي جي آفيسرن کي ٽيم لاءِ نامزد ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

جوڊيشل ڪميشن جي مشاهدي ۽ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽيءَ جون سفارشون آءِ جي سنڌ ڏانهن اماڻيون ويون آهن، جڏهن ته رپورٽ ۾ نامزد پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي لاءِ پڻ آءِ جي سنڌ کي خط لکيو ويو آهي.

ٻئي طرف، جوڊيشل ڪميشن جي مشاهدن جي روشنيءَ ۾ گهرو کاتي صحت کاتي جي سيڪريٽري کي به خط لکيو آهي. ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي ڊاڪٽر اسامه کي عهدي تان هٽائڻ ۽ سندس تربيت ڪرائڻ جي تجويز ڏني آهي.

- Advertisement -

مير رضا ڪيس جي وڌيڪ جاچ لاءِ ايف آءِ اي جي سينيئر آفيسر جي سربراهيءَ ۾ الڳ ڪميٽي قائم ڪرڻ لاءِ پڻ سنڌ حڪومت وفاقي گهرو وزارت کي خط لکي آفيسر نامزد ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment