حيدرآباد (رپورٽ: راحبه خان) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پينشن جي ادائيگين دوران 7 ڪروڙ 10 لک رپين کان وڌيڪ جي مبينا غيرقانوني ڏيتي ليتي جو انڪشاف ٿيو آهي، اينٽي ڪرپشن ڪيس داخل ڪري مرڪزي جوابدار چيف اڪائونٽنٽ فواز اشرف شيخ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ حيدرآباد موجب جنوري 2025ع کان آگسٽ 2026ع تائين پينشن جي ادائيگين ۾ مبينا غيرمجاز ٽرانزيڪشن جي معاملي تي ڪرائيم نمبر 09/2026 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڪيس ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي چيف اڪائونٽنٽ فواز اشرف شيخ، جيڪو بي ايس 18 جو ملازم آهي، ۽ جونيئر اڪائونٽنٽ وقاص ڀٽي، جيڪو بي ايس 11 جو ملازم آهي، کي نامزد ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، يونيورسٽي انتظاميه ڪيس ۾ فريادي نه ٿي، جنهن بعد اينٽي ڪرپشن پاران ڪارروائي ڪندي ڪيس داخل ڪيو ويو. واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


