ٽنڊو آدم (ويب ڊيسڪ) ٽنڊو آدم–جهول روڊ تي رات دير سان مسافر ڪوچ ۽ ڪار ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻار ۽ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻن ٻارن ۽ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
حادثي کانپوءِ فوتين ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال ٽنڊو آدم منتقل ڪيو ويو. شروعاتي اطلاعن موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، جتي ڪار نمبر AAKP-634 مسافر ڪوچ سان ٽڪرائجي وئي.
حادثي جو شڪار ٿيل سمورن ماڻهن جو تعلق مبينا طور ضلعي مٽياري جي تعلقي سعيد آباد ڀرسان ڳوٺ بلال کوسو سان ٻڌايو پيو وڃي.


