ڪراچي (رپورٽر) رات دير سان مختلف هنڌن تي گاڏين جي ٽڪرن جي نتيجي ۾ فوڊ ڊليوري رائيڊر سميت 3 موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويا، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڪراچي ميٽرڪ بورڊ آفيس ويجهو تيز رفتار ڪار موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ فوڊ ڊليوري رائيڊر امتياز فوت ٿي ويو. حادثي کانپوءِ ڪار بي قابو ٿي فٽ پاٿ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن ۾ ڊرائيور سميت ڪار ۾ سوار 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتي ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڪورنگي ناصر جمپ وٽ گاڏي جي ٽڪر ۾ 29 ورهين جو نور احمد فوت ٿي ويو، جڏهن ته نيو گوليمار رضويه ڪٽ وٽ به نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ هڪ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو. واقعن بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


