سکر (رپورٽر) پنو عاقل جي ڳوٺ نوراجا ۾ ڪارنهن جي تهمت هيٺ عورت کي مبينا طور قتل ڪيو ويو.
ذريعن موجب، جوابدار راشد سميجو پنهنجي ڀاڄائي صائمه کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ۽ واردات بعد فرار ٿي ويو.
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي.
ذريعن موجب، مقتولا عورت جي مڙس نذير سميجو کي به هڪ سال اڳ قتل ڪيو ويو هو. واقعي بابت وڌيڪ تفصيل سامهون اچي نه سگهيا آهن.


