نوشهروفيروز (محمد عادل عباسي) خانواهڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير قرارو ۾ شادي جي ڪاڄ دوران گولي لڳڻ سبب 15 ورهين جي نينگري الڪا پروين ڌيءَ روشن علي ڪلهوڙو سخت زخمي ٿي پئي، جيڪا هالاڻي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.
اطلاع موجب، نينگري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ هالاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس لاش موجود آهي. واقعي بابت خانواهڻ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آهي.
هوڏانهن فوتي نينگري جي والد روشن علي ڪلهوڙو الزام هنيو آهي ته سندس ڌيءَ کي فياض ڪلهوڙو گوليون هڻي قتل ڪيو آهي. واقعي جا اصل سبب ۽ الزام جي حقيقت جاچ کانپوءِ واضح ٿي سگهندي.


