ملير (رپورٽر) گڏاپ سٽي پوليس انصاري ميڊوز فارم هائوس ۾ نوڪري ۽ انٽرويو جو ڏٽو ڏئي گهرايل 59 ڇوڪرين جا موبائل فون کڻي فرار ٿيندڙ مک جوابدار بابر عرف سلمان ساحل کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جوابدار جي قبضي مان 40 موبائل فون ۽ هڪ پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس موجب پهرين آڪٽوبر 2026ع تي ڪراچي جي مختلف علائقن مان تقريبن 59 ڇوڪرين کي بحريا ٽائون ۾ سرگرميءَ جي نالي تي تقريب ۽ نوڪريءَ جي انٽرويو جو ڏٽو ڏئي گڏاپ سٽي جي علائقي ۾ بقائي ڪيڊٽ ڪاليج ڀرسان انصاري ميڊوز فارم هائوس ۾ گهرايو ويو هو. جوابدار پنهنجو نالو ساحل سلمان ٻڌائي ڇوڪرين کان موبائل فون گڏ ڪرڻ بعد سمورا فون کڻي فرار ٿي ويو هو.
واقعي کانپوءِ گڏاپ سٽي پوليس فارم هائوس بُڪ ڪرائيندڙ وقاص ۽ ڪوآرڊينيٽر نرگس نالي عورت کي گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته بعد ۾ وڌيڪ 2 جوابدارن شهزاد خان ۽ مونو عرف عاشق حسين کي پڻ گرفتار ڪيو ويو هو.
پوليس موجب ڳجهي اطلاع ۽ ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪارروائي ڪندي فرار ٿيل مک جوابدار بابر عرف سلمان ساحل کي گرفتار ڪيو ويو. سندس قبضي مان هٿ آيل 40 موبائل فون وڪرو ڪرڻ لاءِ کڻي وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدار واردات جو مک منصوبابند آهي، جنهن فلم ڏسي واردات جي رٿابندي ڪئي هئي. واقعي جو ڪيس اڳ ئي داخل ٿيل آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.


