Focus with Zardari
اهم خبرون

پنوعاقل ۾ مبينا پوليس مقابلو، 30 لک رپيا انعام رکيل ڏوهاري عبدالقادر عرف قادرو جاگيراڻي مارجي ويو

1 Min Read

پنوعاقل (منشاد احمد) پنوعاقل ۾ سانگي ٿاڻي جي حد اندر مبينا پوليس مقابلي دوران 30 لک رپيا انعام رکيل ڏوهاري عبدالقادر عرف قادرو جاگيراڻي مارجي ويو.

ايس ايس پي سکر موجب مارجي ويل عبدالقادر عرف قادرو جاگيراڻي رينجرز تي حملي، پوليس اهلڪارن جي شهادت، ڀنگ لاءِ اغوا، ڀتاخوري، سي پيڪ روٽ تان ماڻهن کي اغوا ڪرڻ ۽ دهشتگردي سميت ڪيترن ئي سنگين ڏوهن جي ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو.

پوليس موجب مبينا مقابلي واري هنڌ تان مارجي ويل جوابدار جي قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment