گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ضلعي جي يارولنڊ ويجهو سومر موري واري علائقي ۾ پراڻي دشمني تان فائرنگ جي واقعن ۾ استاد سميت 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، واقعن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو.
تفصيل موجب، گذريل رات دير سان هٿياربندن مبينا طور استاد ثناءُ الله لاشاري جي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران فائرنگ ڪئي وئي. گوليون لڳڻ سبب استاد ثناءُ الله لاشاري موقعي تي ئي مارجي ويو، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ٻئي طرف صبح جو ڳوٺاڻن کي ڳوٺ ڀرسان زمين مان افضل لاشاري جو به گولين سان پروڻ ٿيل لاش هٿ آيو. اطلاع تي يارولنڊ پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو.
مقتول استاد جي ڀاءُ امان الله لاشاري ٻڌايو ته رات دير سان چور گهر ۾ داخل ٿيا، گهر ڀاتين جي سجاڳ ٿيڻ تي جوابدارن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ڀاءُ قتل ٿي ويو. هن الزام هنيو ته افضل لاشاري کي به سندس پنهنجن ساٿين ڳوٺ کان ڪجهه فاصلي تي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي.
هوڏانهن يارولنڊ پوليس موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ پراڻي ڪارنهن جو تڪرار هلندڙ هو، جنهن بابت اڳ ۾ فيصلو به ٿي چڪو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي قتلن جا اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي.
پوليس ٻنهي مقتولن جا لاش ضروري قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ميرپورماٿيلو منتقل ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.


