اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي جي مدت دوران انتظامي معاملن کي بهتر نموني هلائڻ ۽ روزمرهه جا سرڪاري معاملا اڪلائڻ لاءِ وڏي وزير کي مليل اختيار گورنر خيبرپختونخوا ڏانهن منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته نون ڪرنسي نوٽن جي ڊيزائن ۽ 10 رپين جي نوٽ بدران 10 رپين جو سڪو متعارف ڪرائڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي.
وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي انتظامي، معاشي ۽ دفاعي معاملن بابت اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ خيبرپختونخوا ۾ انتظامي معاملن کي سهڻي نموني هلائڻ ۽ گورننس ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ ايمرجنسي جي عرصي دوران وڏي وزير کي تفويض ڪيل روزمرهه جا انتظامي اختيار گورنر خيبرپختونخوا حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
فيصلي تحت گورنر خيبرپختونخوا انهن اختيارن جي استعمال بابت هر مهيني وفاقي حڪومت کي جائزي واري رپورٽ پيش ڪندو. وفاقي ڪابينا اميد ظاهر ڪئي ته گورنر خيبرپختونخوا جي قيادت ۾ خيبرپختونخوا ايڊوائزري ڪائونسل صوبي جي عوام جي بهتري، خوشحالي ۽ امن امان جي قيام لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندي.
اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ دفاعي سهڪار جي معاهدي جي به توثيق ڪئي وئي. پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ اهو معاهدو 11 جون 2023ع تي طئي ٿيو هو، جنهن جو مقصد ٻنهي برادر ملڪن وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ آهي. ڪويت حڪومت پڻ 19 جولاءِ تي ان معاهدي جي توثيق ڪري چڪي آهي.
ٻئي طرف وفاقي ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي ملڪ ۾ نوان ڪرنسي نوٽ جاري ڪرڻ لاءِ انهن جي ڊيزائن جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ ڪابينا کي نون ڪرنسي نوٽن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نون نوٽن جي ڊيزائن لاءِ سڄي ملڪ مان مصورن ۽ ڊيزائنرن کان تجويزون گهرايون ويون هيون، جڏهن ته وزيراعظم پاران قائم ڪيل ڪابينا ڪميٽي سمورن لاڳاپيل ڌرين سان تفصيلي مشاورت پڻ ڪئي.
ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته جعلي ڪرنسي جي روڪٿام لاءِ نون نوٽن ۾ جديد سيڪيورٽي فيچرز شامل ڪيا ويندا، جڏهن ته انهن جي تياري ۾ جديد مواد استعمال ڪيو ويندو، جنهن سان نوٽن جي استعمال جي مدت ۾ پڻ اضافو ٿيندو.
وفاقي ڪابينا 10 رپين جي بئنڪ نوٽ جي جاءِ تي 10 رپين جو سڪو متعارف ڪرائڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ جي انتظامي معاملن، دفاعي سهڪار، ڪرنسي نظام ۾ تبديلي ۽ سرڪاري ادارن بابت مختلف اهم معاملن تي فيصلا ڪيا ويا.


