ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اڄ منجهند کان ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي نئين لائن کي واٽر نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو. جنهن دوران اسٽيشن تي موجود 9 مان 7 پمپ 48 ڪلاڪن لاءِ بند رهندا.
ترجمان موجب، 27 اپريل تي انهن 7 پمپن مان پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي ويندي، جڏهن ته باقي 2 پمپ وڌيڪ 5 ڏينهن تائين بند رهندا.
هن عمل دوران نارٿ ڪراچي، سرجاڻي ٽائون، اسڪيم 33 ۽ گلستانِ جوهر ۾ پاڻي جي فراهمي عارضي طور معطل رهندي. ان کان علاوه گلشن اقبال، صدر، لانڍي، ڪورنگي ۽ چنيسر ٽائون جي ڪجهه علائقن ۾ به پاڻي جي سپلاءِ متاثر ٿيندي.
ساڳئي وقت نيپا، صفورا ۽ سخي حسن هائيڊرنٽس پڻ بند رهندا.
ترجمان موجب، هن عرصي دوران شهر کي روزانو لڳ ڀڳ 250 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو.


