پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو، گڊز ٽرانسپورٽرن پاران ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ اضافي کانپوءِ گڊز ٽرانسپورٽرز ڀاڙن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

 پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ وڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته پاڪستان جا ٽرانسپورٽر تيل اگهن ۾ واڌ واري فيصلي جي مذمت ڪن ٿا، جنهن ڪري وڌندڙ خرچن سبب ملڪ ۾ گڊز ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي.

 هن چيو ته وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري لکين ٽرانسپورٽر بيروزگاري جو شڪار ٿي رهيا آهن، تنهنڪري حڪومت کي گهرجي ته جيڪڏهن تيل مهانگو ڪرڻ ضروري آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ٽول ٽيڪس سميت ٻيا اضافي ٽيڪس ختم ڪيا وڃن ته جيئن ٽرانسپورٽرن کي ڪجهه ريليف ملي سگهي.

ملڪ شهزاد اعواڻ وڌيڪ مطالبو ڪيو ته موٽر وي پوليس، ٽريفڪ پوليس ۽ ٻين ادارن جا سمورا چالان ختم ڪيا وڃن ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس ۾ به رعايت ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته وفاقي حڪومت پاران ڏنل سبسڊي ناڪافي آهي ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي سان ٽرانسپورٽرن جا خرچ تمام گهڻو وڌي ويا آهن.

هن چيو ته ملڪ جي نازڪ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ٽرانسپورٽر قومي مفاد ۾ نقصان برداشت ڪري گاڏيون هلائي رهيا آهن ته جيئن ٽرانسپورٽ جو چرخو روڪجي نه وڃي. هن جنگ بندي ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي ساراهيندي آرمي چيف جنرل عاصم منير کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته حڪومت پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري ته جيئن ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ جو نظام بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهي سگهي.

Share This Article
Leave a Comment