گهوٽڪي ( رپورٽ: جعفر شيخ ) خانڳڙه ۾ ٿيل مهر ۽ ڪلهوڙا تڪرار جو نبيرو ڪري ڌرين تي 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي. پنوعاقل جي مهر ۽ ڪلهوڙا برادري وچ ۾ هلندڙ پراڻو خوني تڪرار جو نبيرو ٿي ويو.
تڪرار جي خاتمي لاءِ جرڳو سردار علي گوهر خان مهر جي سرپئنچي هيٺ خانڳڙه جي گوهر پيلس ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
جرڳي ۾ غوث بخش خان مهر، ڪاظم عباسي ،نجف علي ڪماريو ۽ ٻين مشير طور شرڪت ڪئي، جرڳي دوران ٻنهي برادرين مٿان مجموعي طور 2 ڪروڙ 2 لک 75 هزار رپين جو ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.
جرڳي جي فيصلي موجب ڪلهوڙا برادري مٿان مهر برادري جي ڇوڪري ڀڄائڻ، ٻن ڄڻن جي قتل ۽ زخمين جي مد ۾ 86 لک 75 هزار رپين جو ڏنڊ وڌو ويو.
جڏهن ته مهر برادري مٿان ڪلهوڙا برادري جي ٻن قتلن، زخمين ۽ عورتن جي اغوا جي الزام هيٺ هڪ ڪروڙ 16 لک رپين جو ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.
فيصلي مطابق ٻئي ڌريون ڏنڊ جي رقم گوهر پيلس ۾ هڪٻئي حوالي ڪنديون، جڏهن ته ادائيگي ٽن قسطن ۾ ڪئي ويندي.فيصلي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، جڏهن ته دعا خير پڻ گھري وئي.


