ٽرمپ ايران جنگ جي خاتمي واري تجويزن مان ناخوش ڇو آهي؟

1 Min Read

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻن مهينن کان جاري جنگ جي حل بابت مليل تازي ايراني تجويز تي ناخوش آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب هڪ آمريڪي عهديدار چيو آهي ته ايران پاران مليل جنگ بندي واري تجويز تڪرار جي حل جي اميدن کي گهٽ ڪري رهي آهي.

هن اشارو ڏنو ته ايران جي تازي تجويز ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام بابت واضح ڳالهه ناهي ڪئي وئي، ۽ اهو ان وقت تائين معطل رهندو جيسين جنگ ختم نٿي ٿئي ۽ نار (خلیج) مان ٻيڙن جي اچ وڃ (جهار راني) وارا تڪرار حل نٿا ٿين.

آمريڪي اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي چيو ته ٽرمپ ايران جي تجويز مان ناخوش آهي ڇاڪاڻ ته هو چاهي ٿو ته ايٽمي معاملن کي به ان ۾ شامل ڪيو وڃي.

وائيٽ هائوس جي ترجمان اوليوييا ويلز پڻ چيو آهي ته آمريڪا پنهنجي “ريڊ لائنز” (حدن) بابت واضح آهي ڇاڪاڻ ته هو ايران سان جاري جنگ کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو.

Share This Article
Leave a Comment