چٽو گرام ( اسپورٽس نيوز ) بنگلاديش پهرين ٽي-20 ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي، ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.
چٽوگرام ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ نيوزيلينڊ مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ٺاهيون. ڪلارڪ ۽ ڊين ڪليور 51-51 رنسن جي اننگز کيڏي.
بنگلاديش جو جواب: بنگلاديش نيوزيلينڊ پاران مليل 183 رنسن جو هدف 18 اوورن ۾ صرف 4 وڪيٽون وڃائي حاصل ڪري ورتو.
ميزبان ٽيم جي طرفان توحيد هردوئي 51 رنسن جي شاندار ۽ ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي ٽيم کي سوڀاريو.


